در محمد گائنچو

در محمد گائنچو: نامور سرندي نواز دُر محمد ولد بخش علي گائنچو، 1942ع ڌاري بڊي جبل، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ضلعي دادوءَ جي مشهور درگاهه گاجي شاهه تي سُرندو اڄ سوڌو وڄايو ويندو آهي، جتي ماڻهن ۾ مستي ۽ وجد طاري ٿيندو آهي. وهم پرست ماڻهو ’جن ڪڍڻ‘ آسيب کان بچڻ لاءِ سُرندي جي سروز علاج سمجهندا آهن. ان ئي ماحول کان متاثر ٿي در محمد کي به سُرندي وڄائڻ جو شوق پيدا ٿيو. هن سرندي وڄائڻ جي باقاعدي سکيا غلام محمد رند کان ورتي، جيڪو سندس ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ آهر کجيءَ جو رهاڪو هو. روايت آهي ته درمحمد جڏهن پنهنجي گهر ۾ سرندو وڄائيندو هو ته سندس امڙ تي به وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ کانئس فرمائش ڪري سرندو ٻڌي کيس دعائون ڏيندي هئي. دُر محمد اسٽيج فنڪارن سان به سُرندو وڄائيندو هو. سندس سُرندي جي مشهور ڌُنن تي مشتمل هڪ آڊيو ڪئسٽ به جاري ٿيل آهي، جيڪا ريڊيو پاڪستان تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي متعارف ڪرائي. ڪيترا مشهور سرندائي درمحمد گائنچي جا شاگرد آهن، جن ۾ لعل محمد ۽ رستم گائنچي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. در محمد گائنچي جو شمار مشهور سرندي نوازن ۾ ٿيندو هو.
هن نامياري سرندي نواز، 18 جنوري 2003ع تي 61 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.01.18  عيسوي

هن نامياري سرندي نواز، 18 جنوري 2003ع تي 61 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهناز شيخ
چَرڪ
پوراني ميرڪ سيد محمد احسن ٺٽوي
شير شاهه سوري
خليفو محمد خان جمالي
تورپيو مسڻ
ساره انصاري ڊاڪٽر
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
جتوئي مسرور احمد خان
ارباب نور محمد راهمون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون